پير غلام جيلاني شاهه نورائي

پير غلام جيلاني شاهه نورائي: جيلاني شاهه نورائي'>پير غلام جيلاني شاهه نورائي، 10 مئي 1946ع تي درگاهه نورائي شريف ضلعي حيدرآباد ۾ سيد زين العابدين شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ عربي، فارسي پڙهي فاضل بڻيو ۽ ديني خدمت ڪرڻ لڳو. سندس والد زين العابدين شاهه پنهنجي دؤر ۾ لاڙ پٽ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، سندس ”زينل“ تخلص هو. جيتوڻيڪ هن جيلاني خاندان جو مرڪز اصل درگاهه نورائي شريف ضلعي حيدرآباد ۾ آهي پر پير غلام جيلاني 1984ع ۾ درگاهه نورائي شريف تان هجرت ڪري، مڪلي ضلعي ٺٽي ۾ ”خانقاه عاليه قادريه جيلانيھ“ جيلاني هائوس مڪليءَ جو بنياد رکي، اتي ذڪر اذڪار، فڪر فيض ۽ علمي ادبي محفلون مچايون. سندس مريدن جو وڏو حلقو آهي پاڻ سنڌ جي مشائخن کي گڏ ڪري، ديني اصلاحي ڪم جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن وقت پاڻ جمعيت مشائخ اهلسنت سنڌ جو سرپرست اعليٰ آهي ۽ پاڻ بهترين شاعر به آهي. سندس سعيي سان خانقاهه عاليه قادريه جيلانيه مڪليءَ تي وڏي پيماني تي ديني پروگرام ميلاد، يارهين ۽ مشاعرا به ٿيندا آهن. جن ۾ پري پري کان ڪيترائي مريد، عقيدتمند، اديب ۽ شاعر حاضري ڀريندا آهن،
پير غلام جيلاني سهڻي سائين جي روحاني دؤر جو همعصر ليکيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو